انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق ترڪ نائب صدر چيو آهي ته ملڪ ۾ زلزلي سبب هاڻي تائين 284 فوتگين جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين زلزلي سبب 237 ڄڻا فوت ۽ 600 ??ان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حالتون لاڳو ڪندي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ??نه?? ملڪن ۾ زلزلي جي شدي?? تباهي بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته زلزلي جي لوڏن سان ترڪيه جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباه ٿيون آهن ۽ ??نه?? ملڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻيل م??ڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته جئين امدادي ڪارڪنن کي رابط?? ۾ ??شڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی