بيجنگ -05 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آهي ته تائيوان ڏانهن آمريڪي هٿيارن جي وڪري جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا، ان حوالي سان آمريڪا سان س??ت احتجاج پڻ ڪيو آهي، برطانوي خابرو اداري مطابق چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان تان ڪيفي گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا تائيوان کي هٿيارن جي وڪري جي معاملي ۾ چين جي بنيادي خدشن کي نظر اند??ز ڪيو آهي، چين جي اندروني معاملن ۾ اها هڪ سنگين مداخلت آهي ۽ ڄاڻي واڻي تائيوان ۾ ڇڪتاڻ کي هوا ڏني وئي آهي. ياد رهي ته پينٽاگون گ??ريل هفتي چيو هو ته آمريڪي پرڏيهي کاتي 440 ملين ڊالرن تائين جا 2 ڌار ڌار معاهدا ڪيا آهن، جنهن ۾ تائيوان کي گولا بارود ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي امڪاني وڪري جي منظوري ڏني ه??ي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا