فلوريڊا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناسا جي ??سپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلابا?? عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا آهن. گذريل ڏينهن سپيس ايڪس ڪريوڊريگن ڪيپسول تي سوار خلاباز فلوريڊا جي ??امونڊي ڪناري ويجهو حفاظت سان لٿا. ناسا ۽ سپيس ايڪس جي گڏيل طور هلائيندڙ ڪريو-6 مشن جا 4 خلاباز زمين تي واپسي لاءِ آچر تي صبح جو خلائي اسٽيشن تان روانا ٿيا، عملي 13 فوٽ ويڪري ڪريو ڊريگن گاڏي کي جيڪسن ويلي، فلوريڊا جي ??امونڊي ڪناري کان پري پنهنجي هدف تي ڪاميابي سان لينڊ ڪيو. ڪريو ڊريگن ڪيپسول 17000 م??ل في ڪلاڪ (27000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) کان وڌيڪ جي ??فتار سان سفر ڪيو ۽ جيئن ئي ان جي ??پليش ڊان جي لينڊنگ جو آخري مرحلو شروع ٿيو ته خلائي جهاز جو ٻاهريون حصو تقريبن 3500 ڊگري فارن هائيت (1900 ڊگري سيلسيس)تائين گرم ٿي ويو. خلائي جهاز جي ڪيبن اندر مسافرن کي هي?? شيلڊ سان محفوظ ڪيو ويو هو ۽ اندروني گرمي پد 100 ڊگري فارن هائيٽ (37.8 ڊگري سيلسيس) کان گهٽ هو. واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جو خلانورد اسٽيفن بوون ۽ وارن هوبرگ، گڏيل عرب امارتن جو سلطان النهادي ۽ روس جو خلاباز آندريو فدايوف شامل هئا. هي خلاباز هلندڙ سال مارچ ۾ خلائي اسٽيشن تي ويا هئا.
ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون