ماسڪو-28 ڊسمبر (اي پي پي)روس ۽ ايران آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ ??اپ??ر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جي اجلاس ۾ ڪ??و ويو. جرمن نشرياتي اداري روس جي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران ۽ روس جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جو اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل ??اپ??ر کي آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ ڪرڻ جي معاهدي کي حتمي شڪل ??ئي ڇڏي آهي. ان معاهدي کانپوءِ هاڻي بئنڪ ۽ گروپ مقامي ڪرنسين ۾ ڏي وٺ ڪري سگهندا ۽ اهڙو بئنڪاري نظام استعمال ڪري سگهندا جن ۾ سوئفٽ سسٽم گهربل نه هوندو، بيان ۾ وڌيڪ ??يو ويو ته روس جي قيادت ۾ يوريشين اڪنامڪ يونين (يو اي اي يو) جي ميمبرن 25 ڊسمبر تي ايران سان هڪ مڪمل آزاد ??اپ??ري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. روس کانسواءِ بيلاروس، قزاخستان، ڪرغزستان ۽ ارمينيا ان يونين جا ميمبر آهن.
ايران ۽ روس پاران مقامي ڪرنسين ۾ واپار جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری