نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطيني سرزمين کي ”ٻارن ۽ عورتن جي دنيا جي سڀ کان وڏي قبرستان“ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، نيتن ياهو ۽ ان جي قتل عا?? جي نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي رو??ڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن لبنان جي حمايت پڻ ڪئي جتي اسرائيل حزب الله کي نشانو بڻائيندي وڏي پئماني تي حملا ڪيا هئا. ترڪ صدر وچ اوڀر جي علائقي کي جنگ ۾ گهسيٽڻ تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت ک?? تنقيد جو نشانو بڻايو. رجب طيب اردوان چيو ته غزه ۾ نه رڳو ٻار پر گڏيل قومن جو نظام پڻ مري رهيو آهي، حقيقت ۾ اهي قدر جن جي دفاع جي اولهه دعويٰ ڪري ٿو دم ٽوڙي رهيو آهي، آئون کلي دل سان پڇان ٿو ته ڇا غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ رهندڙ انسان نه آهي؟. ترڪ صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگ کي رو??ڻ جو حڪم ڏيڻ ۾ ناڪامي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ گڏيل قومن جي 5 مستقل ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته ”دنيا 5 کان وڏي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، توهان غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي رو??ڻ ۽ ان ظلم، ان ڏاڍ کي رو??ڻ جي لاءِ ڪنهن شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن؟“ رجب طيب اردوان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ”نيتن ياهو ۽ ان جي قا??ل نيٽ ورڪ“ کي رو??ڻ جي لاءِ اسرائيلي وزيراعظ?? جي نازي جرمني جي ايڊولف هٽلر سان ڀيٽ ڪريو، جهڙي طرح هٽلر کي 70 سال اڳ انسانيت جي اتحاد رو??يو هو، اهڙي طرح نيتن ياهو ۽ ان جي قا??ل نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي رو??ڻ گهرجي. لبنان تي اسرائيلي حملن جي تازه ترين لهر تي ترڪ صدر چيو ته توهان قتل عا?? جي نيٽ ورڪ کي رو??ڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪهڙيءَ شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيو جيڪا فلسطيني عوام سان گڏوگڏ پنهنجي شهرين جي زندگين کي پڻ خطري ۾ وجهي ٿو ۽ پوري خطي کي جنگ ۾ گهسيٽي ٿو. اردوان غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته فوري ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ گهرجي، يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ۽ غزه تائين انساني امداد بنا رو?? ٽوڪ ۽ بنا تعطل پهچائڻ گهرجي.
ترڪيه جي صدر جي غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا