غزه-02 جنوري (اي پي پي) غزه ۾ بي گهر ماڻهن جي ??يمه بستي تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ غزه جي پوليس چيف سميت 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي ??ول ڊفينس ايجنسي جي ??رجمان محمود بسال ٻُڌايو ته قابض اسرائيلي فوج رات دير سان غ??ه پٽي جي ??هر خان يونس جي ??لائقي الم??اس?? ۾ خيمه بستي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻُڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ پوليس چيف محمود صلاح ۽ سندس نائب حسام شاهوان به شامل آهي. هڪ ڌار بيان ۾ غزه جي گهرو وزارت 2 پوليس اهلڪارن جي ??هادت جي مذمت ڪئي آهي. وزارت وڌيڪ چيو ته پوليس فورس هڪ سول پروٽيڪشن فورس آهي جيڪا شهرين کي خدمتن فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا