اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي نظام کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ آٽوميشن جو نظام متعارف ڪرائڻ سان اخباري صنعت ۾ ??هت??ي اچڻ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۾ پڻ ??دد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافي تنظيمن سميت وفاقي ۽ صوبائي اطلاعات کا??ن جي آفيسرن تي ٻڌل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ڪمپيوٽرائيزيشن ۽ آٽوميشن جو عمل سمورين ڌرين جي مفاد ۾ هوندو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن سان علائقائي ۽ مقامي اخبارون پڻ فائدو کڻي سگهن ٿيون. مملڪتي وزير چيو ته آٽوميشن جو بنيادي مقصد اخبارن جي سرڪيوليشن جي انگن اکرن کي آن لائن ڪرڻ آهي جنهن سان نه رڳو ميڊيا جي صنعت ۾ ??هت??ي ايندي پر ان سان شفافيت ۽ گڊ گورننس کي پڻ يقيني بڻائڻ ۾ ??دد ملندي.
آٽوميشن جي نظام سان اخباري صنعت ۾ بهتري ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش