اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ا?? ڏينهن اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪس?? ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏ??نهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??وشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي ??سان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ??لم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته ا??ا شاندار پريڊ اسان جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قومي ڏ??اڙي جي موقعي تي ??سان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏ??اڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي ??ڄي پاڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات