اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفا??ي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪا??ينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪا??ينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪا??ينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪا??ينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفا??ي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش