اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪش??ير مسئلي کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪش??يري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪش??يرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ڀارت ڪش??ير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪش??ير مسئلو ٻه ڀيرا س??ام??ي ڪائ??نس?? ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀارت پوري خطي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪش??ير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪش??يري قيد آهن، خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪش??ير ۾ ڪرفيو جاري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون تيزي سان بگڙجي رهيون آهن، ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو س??ام??ي ڪائ??نس?? ۾ بحث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئلي کي س??ام??ي ڪائ??نس?? کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪش??ير جو تڪرار س??ام??ي ڪائ??نس?? ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا بحث هيٺ آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان