اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قاب?? مذمت قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي ??جازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معاملي کي ??المي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي ??ولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيم??لي جي اسپيڪر چيو ت?? بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری