اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئ?? وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر صدر جي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 ا??ڪو??ئري ڪميٽيون جوڙيون. ا??ڪو??ئري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي آهي.
صدر 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ ايف بي آر جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados