اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪ?? جي پرڏيهي وزيرن ۽ ??ال??ي تنظيم?? جي سربراهن سان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانستان سميت ??ال??ي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت سان 5 ڏينه?? جي دوري جي پڄاڻي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي وزير چيو ته هو سمجهي ٿو ته هاڻي ??ال??ي برادري پاڪستا?? جي موقف کي بهتر انداز ۾ سمجهي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي هڪ ??ال??ي مدبر جي حيثيت سان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيا??ن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي وزيراعظم افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبا?? جي اقتدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزيراعظم ??ال??ي برادري آڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه جو پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري خطي جي حقيقي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حق?? جي منظم ۽ وسيع تر خلاف ورزي?? جي حوالي سان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ سان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجا?? جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي ورجايو. پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سان ملاقات سميت درجنين پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پرڏيهي وزير سان پرڏيهي وزير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پرڏيهي وزير اسان جو موقف تفصيل سان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ٻين ملڪ?? جي شهري?? جي افغانستان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي انگيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي وزارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري اسٽرڪچرنگ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبر?? جي انگ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي ۽ ا?? جي بدران غيرمستقل ميمبر?? جي انگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي اين) ايندڙ مهيني شروع ٿينديون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا