اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاق??ت ۾ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ??اميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي م??مل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي، پي ڊي ايم جي پن??نج?? صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج