اسلام آباد ??? 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪ??ڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جو??ڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪ??ڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي ا??مگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ملڪ ڪ??ڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جو??ڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪ??ڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جو??ڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي ا??ٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي ا??لاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو، يوريا ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا