اسلام آباد ?? 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زي?? النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زي?? النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زي?? النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گ??يل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زي?? النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي ??ائ??ن ياد رکندي. گڏيل عرب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع ??ائ??ن ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری