اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، ??اڪ??تان جي 75 هين سالگرهه تي سمورا ??اڪ??تاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ??اڪ??تان جي سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو شيڊيول جوڙيو ويو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قومي ترانو ??اڪ??تان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته ??اڪ??تان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري ??اڪ??تان جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر ??اڪ??تاني پرجوش آهي. ڪافي ٽيبل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽيبل بڪ ۾ ??اڪ??تان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽيبل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊ??ئو?? لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽيبل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ سان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽيبل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ??اڪ??تان جي 75 هين سالگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن ??اڪ??تان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي ??اڪ??تان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف سيريز پيش ڪيون پيون وڃن، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو ??اڪ??تان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن جن ۾ ??اڪ??تان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين جو ذڪر آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان روزانو جون سرگرميون پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن، 75 سالا تقريبن ۾ ??اڪ??تان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، ??اڪ??تان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي 75 سالا تقريبن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪافي ٽيبل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ۾ ??اڪ??تان جي آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.
وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ