سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪش??يري عوام پراڻي ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي ??وره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي والاريل ڪش??ير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪش??يري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪش??ير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي ج??گر??فيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ن??ڍن ۽ غريب ملڪن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.
ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي: پروفيسر عبدالغني بٽ
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔