شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مو??مي??تي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي ??ه منصفاڻي طور تي ??رڇ ٿيڻ گهرجي، هي مو??مي??تي انصاف جو معاملو آهي، مو??مي??تي تبديلي جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي ??ون ٿا، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان پهتو آهي، اٽڪل 40 لک ٻارن کي صحت جي خدمتن تائين پهچ حاصل نه آهي، مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته دنيا ۾ 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناروي جي وزيراعظم جوناس گهرسٽور سان گڏ مو??مي??تي تبديلي ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي استحڪام جي موضوع تي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي ??تفق آهيون ته مو??مي??تي تبديلي هن ڏهاڪي جو اهم بحران آهي ۽ اسان ان جي خلاف پنهنجي گڏيل ويڙهه جي تاريخي لمحي ۾ آهيون. اسان وٽ خاص طور تي اهڙن ملڪن ۽ ڪميونٽيز جيڪي انتهائي خطري ۾ آهن، جي لاءِ ڪا ٻي زمين نه آهي. هن چيو ته هاڻي اها هڪ مڃيل سائنسي حقيقت آهي ته مو??مي??تي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ اسان جي منصوبابندي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ٿي رهي آهي، اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته اسرندڙ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ ۽ ڪميونٽيز جيڪي فرنٽ لائين تي آهن، کي مدد جي ضرورت آهي، ڪيترائي ملڪ خاص طور تي آفريقي ملڪ جيڪي تباهي آڻيندڙ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪمزور قومن جي گروپ ۾ اچن ٿا، پوءِ به اسا?? وانگر گهٽ اخراج وارا ملڪ زندگي ۽ روزگار جي حوالي سان تبديل ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته منهنجو پنهنجو ملڪ به ان صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت به اهڙي طرح جي ڪيفيت اسان کي درپيش آهي، پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تيزي سان اسان جي ذهنن کي ان ڳالهه تي ??رڪوز ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙي طرح جي مو??مي??تي تبديلي جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقي تي ??ون ٿا. وزيراعظم چيو ته جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا، مو??مي??تي تبديلي ۽ تڪرار عورتن ۽ ٻارن سان گڏوگڏ غريب ترين ماڻهن کي پڻ متاثر ڪن ٿا. ٻوڏ کان متاثر 33 ملين ماڻهن مان اڌ کان وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي جن مان 6 لک 50 هزار حاملا عورتون کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي ??جبور آهن. اسان جي آبادگارن ۽ چوپايو مال پاليندڙن جو انهن جي اکين آڏو روزگار تباهه ٿي ويو. 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان پهتو آهي، سنڌ ۾ ڪپهه جي پوري فصل ختم ٿي وئي آهي. اٽڪل 40 لک ٻارن کي صحت جي سهولتن تائين پهچ نه آهي. هن چيو ته اڪثر مو??مي??تي آفتون خاص طور تي ??وڏ ۽ ان کانپوءِ صحت جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا جن ۾ جسماني ۽ ذهني صحت ٻئي شامل آهن. متاثر علائقن جي دوري دوران ڪئمپن ۾ مش??لا??ن جو شڪار ماڻهن کي ڏٺو آهي ۽ هڪ هفتو اڳ تائين 82 لک ماڻهن کي صحت جي خدمتن جي فوري ضرورت هئي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙي طرح جي صحت جي هنگامي صورتحال هن براعظم ۾ به عام آهي ۽ هتي سڀني کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته اهي شديد موسم، بشمول سوڪهڙي جي ڪري وڌن ٿا ۽ اهو نئون معمول نه بڻجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انسانيت مو??مي??تي تبديلي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، قابل قبول مو??مي??تي تبديلي جي حد اڳ ۾ ئي عبور ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو يقينن پاڪستان ۾ نه رهندو ۽ ان جو ثبوت نائجيريا ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ مو??مي??تي تبديلين جي تازي اثرن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ جو اندازو آهي ته جيڪڏهن اسان مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هاڻي قدم نه کنيا ته 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته پٺتي ??يل، معذور، غريب ۽ سماجي طور تي ڪمزور ماڻهن جي زندگين تي ??و??مي??تي تبديلي جا گهرا اثر پون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي انگ ۾ گليشيئرز موجود آهن ۽ برف پگهرڻ جي سراسري شرح ٽي سيڪڙو آهي. پاڪستان حڪومت 2018ع ۾ ڪل پروٽيڪٽيڊ ايرياز کي 12 سيڪڙو مان وڌائي 2023ع تائين 15 سيڪڙو ڪرڻ جي مقصد سان گڏ ”محفوظ علائقن جا قدم“ جي شروعات ڪئي ۽ اهو هدف حاصل ڪيو ويو. هي ڪانفرنس انسانيت جي حوالي سان هڪ اهم موقعي تي ??ي رهي آهي. اسان کي مو??مي??تي تبديلي جي اثرن جو مسئلو فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مو??مي??تي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي ??ه منصفاڻي طور تي ??رڇ ٿيڻ گهرجي. اهو مو??مي??تي انصاف جو معاملو آهي، اسان کي گهرجي ته ان موقعي کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي سڀ کان ڪمزور قومن جي مستقبل کي محفوظ بڻايون.
موسمياتي تبديلي جو بار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری