اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسط??ن جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلط??ني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مه??ني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسط??ني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسط??ني عوام جي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يق??ني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسط??ني عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جد??جهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حماي?? کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثر??ن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخم??ن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسط??ني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria