اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سرب??اه?? ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تع??ون کي وڌيڪ وڌا??ڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه ??ين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرا??ڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌا??ڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا م??يا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تع??ون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج