ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي چيئرمين ۽ پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلا??ل هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري استادن جي قتل جي واقعن تي پنهنجي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي بابت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ۽ مارجي ويل استادن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات