ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي اي??رجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحريه جي اي??رجنسي ريسپانس ٽيمون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول ه??رب?? تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ اي??رجنسي ريسپانس ٽيمو?? سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.
پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي طوفان سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena