اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي واپار ۾ اضافي جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ض??بطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پ??ندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير شعيب سرور ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته نامزد سفير ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر ??يو ته ڊيري ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دعوت ڏي، نامزد سفير قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صد?? اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ??اڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ??يو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر ??يو ته زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامزد سفير درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائي. صدر ??يو ته نامزد سفير روانڊا جي واپارين کي پاڪستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ انهن سان رابطو ڪري. صدر ٻنهي سفيرن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ