اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پاڪستان جي مل??زم?? کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادا??يگ?? نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ مل??زم?? جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊيو پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيلن جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ريڊيو پاڪستان جي 38 مل??زم?? کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊيو پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري وزارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن مل??زم?? جا پينشن پي??نٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادا??يگ?? نه ڪئي وئي. وفاقي محتسب ريڊيو پاڪستان پاران متاثر مل??زم?? کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادا??يگ?? نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پاڪستان کي رٽائرڊ مل??زم?? کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا م??ازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊيو پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري فائدين جي ادا??يگ?? نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ مل??زم?? ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊيو پاڪستان پاڻ پنهنجي مل??زم?? کي رقم جي ادا??يگ?? جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري ??ٺي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا