اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ عورت شهري ج?? 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪندڙ منور بي بي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخل ڪرائي هئي ته ملڪ عبدالمجيد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪري رکيو آهي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي قبضو بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالمجيد وفاقي محتسب کي نظرثاني ج?? درخواست ڪئي ج??هن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي ج??هن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ديڊ جي ذريعي ملڪيت منتق?? ڪئي وئي. فيصلي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي ج?? ايس ايڇ او کي عورت جو قبضو بحال ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلاٽ جي بحالي ج?? لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا وڃن. بعد ۾ عبدالمجيد محتسب جي فيصلي ج?? خلاف صدر کي اپيل داخ?? ڪئي. صدر عبدالمجيد ۽ ٻين جي اپيل دير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اپيل حڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخل ڪرڻ گهرجي ها. صدر چيو ته درخواستگذارن حڪم وصول ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو دير سان داخ?? ڪئي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر