اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??رڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمو??ي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران ??رڏ??هي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي ??رڏ??هي وزيرن سان ٽيليف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران ??رڏ??هي وزير انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پ??ڪس??ان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران ??رڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران ??رڏ??هي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ موجُود
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ