اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي، پاڪستان سدائين هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم ۽ ڳنڍيل افغانستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن افغانستان اسان جي خطي جي لاءِ واپاري ۽ توانائي جي را??طي جي رستي جي طور تي اڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ??لندڙ سال افغانستان ۾ ا??ن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اجلاسن ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ڇو ته ٻئي ملڪ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون جون را??ون ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته اسان سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ سان ??اڳاپيل معاملن تي پڻ افغان عملدارن سان را??طي ۾ آهيون. ترجمان چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ايران ??اڳاپن ۾ هڪ اهم سال هو. هن چيو ته مئي 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن مند – پشين بارڊر مارڪيٽ پليس ۽ 220 ڪي وي پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين منصوبن جو افتتاح ڪيو، ٻنهي ملڪن ٻطرفي اقتصادي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جون ۾ پنج سالا اسٽريٽجڪ واپاري تعاون جي منصوبي (2023- 28) تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته علائقائي را??طن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي ويزن جي تعميل ۾ پاڪستان ??چ ايشيا جي ملڪن سان به پنهنجي مضبوط را??طن کي جاري رکيو جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ پاڪستان ??اپار، چرپر، را??طي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداوار ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏنو.
اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ