اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيل?? سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي ??ستعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ ت??ديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيل?? سان مالامال ملڪ آهي. ه?? سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏنو. نگران وزيراعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي ??ستعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ ت??ديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena