اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته سعودي عرب جي ??رڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ سعودي وفد هلندڙ هفتي اسلام آباد جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزا??ه محمد بن سلمان جي وچ ۾ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي پيروي ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن جي گڏيل صدارت ۾ ٿيندڙ ”سعودي عرب پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس“ ۾ ڌرين توانائي، کاڻين جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعميرات، انساني وسيلن جي ترقي ۽ روانگي واپار جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ هو. هن چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پنهنجي تعميري مصروفيتون جاري رکنداسين. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??رڏ??هي وزيرن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن خطي ۾ وڌندڙ عدم استحڪام تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڇڪتاڻ ۾ گه??تائي ۽ فوري جنگبندي، غزه جو گه??راءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه ۾ گه??ريل ماڻهن جي لاءِ بنا رنڊڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ سعودي وفد جي دوري جو مقصد ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری