اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پا??يسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنج?? پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پا??يسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وفاقي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.
انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس