اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪي??. ٻ??ي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دو??و ڪري رهيو آهي. هو دو??ي دو??ان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاه??ت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada