اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ج?? مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ ??ارم فراهم ??ري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آهي، ايس سي او ذريعي پاڪستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي قدمن کي ??ٿي ڏئي سگهي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي پاليسين کي اجاگر ??ري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي به بهتر طريقي سان پيش ??ري سگهي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ ??ارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ??ري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاون کي ??ٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ??ري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ ??ارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ??ري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏين جو موقعو فراهم ??ري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي ??ٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي: خرم دستگير
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ