اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ هڪ محفوظ ۽ پرورش ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي ته جيئن ٻار پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن، ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ا?? گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي هر ٻار جي حقن جي تحفظ ۽ تڪميل کي يقيني بڻايون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ??ارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون پاڪستان جي ٻارن جي حقن، ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اهي ٻار اسان جي مس??قبل جا معمار آهن ۽ اسان جي قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم چيو ته ??ي ڏينهن اسان کي ا?? گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي هر ٻار جي حقن جي تحفظ ۽ تڪميل کي يقيني بڻايون. هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ هڪ محفوظ ۽ پرورش ڪندڙ ماحول فراهم ڪريون ته جيئن اهي پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. شهباز شريف چيو ته ??اڪستان جي حڪومت ٻارن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جهڙوڪ دانش اسڪولز جو قيام جيڪي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ گهٽ وسيلا رکندڙ ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، انهن اسڪولز بي شمار ٻارن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون آهن ۽ انهن کي هڪ روشن مس??قبل جي راهه ڏيکار?? آهي. هن چيو ته اسان تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت وسيلن کي متحرڪ ڪري خواندگي جي شرح ۾ اضافي?? اسڪولن جي نئين سر تعمير ۽ ٻار کي معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪميونٽي آئوٽ ريچ ۽ خاندانن کي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ خصوصي مهارت جي ذريعي اسڪول نه ويندڙ لکين ٻارن جي داخلا جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ غذائيت جو پروگرام متعارف ڪيو آهي ته جيئن ٻارن کي صحتمند کاڌو ملي جيڪو انهن جي جسماني ۽ ذهني واڌويجهه ۾ مددگار بڻجي. هن چيو ته اهي سمورا قدم ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اسان پنهنجي نوجوان نسل جي اوسر ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون والدين?? استادن، سول سوسائٽي ۽ پاليسي سازن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي گڏجي هڪ اهڙو معاشرو جوڙين جتي هر ٻار جي اهميت هجي ۽ اهو پاڻ کي محفوظ ۽ قيمتي محسوس ڪري. هن چيو ته ??ارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اچو اسان وچن ڪريون ته ??نهنجي ٻارن کي قومي ترجيحن ۾ اوليت ڏينداسين ۽ هڪ اهڙو مس??قبل يقيني بڻائينداسين جتي اهي عزت، برابري ۽ اميد سان وڌي ويجهي سگهن.
هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ هڪ محفوظ ۽ پرورش ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números quina hoje