اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هد??يت ڪئي آهي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سز??ئون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ث??اء?? الله ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انتشار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران م??ڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسان جي لاءِ شديد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو. هن هد??يت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون م??جب سخت سز??ئون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دور جي گهرجن م??جب عالمي معيار جي فسادن جي خلاف فورس جوڙي ويندي، اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ۽ ان جي لاءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي موقعي تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت فارنزڪ جي لاءِ موڪليا ويندا، واردات جي موقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.
وزيراعظم پاران ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ