گڏيل قومون-24 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀا??تي فوجي قبضي تحت ڪشميرين جي مايوس ڪندڙ حالت تي روشني وجهندي تڪراري علائقي ڪشمير ۾ ڀار?? طرفان جي 20 اجلاس ڪوٺائي صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن ڪراس فائر ۾ ڦاٿل ڪشميري عوام جي سلامتي ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ خوراڪ ۽ ضروري خدمتن تا??ين پهچ بابت مسئلن کي حل ڪرڻ تي بحث دوران چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پر??من حل ڏکڻ ايشيا ۾ ??من ۽ استحڪام جو اهم جز آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀا??تي فوج انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ روزگار جي ذريعن تي مسلسل قبضو ڪري ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي. تنهن ڪري اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته جي 20 نمائندن جي گروپ ۾ اڪثر پاڻ کي ڄمون ڪشمير ۾ صورتحال معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور جي پيش ڪرڻ جي ڀا??تي ڪوشش ۾ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. ان سلسلي ۾ پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي اقليتي معاملن جي خصوصي نمائندي فرينڊ ڊي ورينس جي تا??ي لفظن جو حوالو ڏنو جنهن فوجي قبضي واري علائقي ۾ صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش جي خلاف خبردار ڪ??و، جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي يوڪرين جنگ جي اثرن ۽ غذائي تحفظ تي پابندين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسود سمنڊ اناج راهداري قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان معاهدي تي ايمانداري ۽ مڪمل طور تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي معاهدن جي اصولن موجب يوڪرين ۾ جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو.
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ