گڏيل قومون -14 مئي (اي پي پي) رفح ۾ اسرائيل جي ??مباري جاري اهي، ان دوران هڪ هفتي ۾ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، انساني همدردي جي ??نياد تي امداد جي فراهمي اٽڪل معطل آهي ۽ اسرائيلي بمباري ۾ گڏيل قومن جو هڪ ۽ امدادي ڪارڪن به مارجي ويا آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ??ليف اينڊ ورڪس ايجنسي گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ اسرائيلي فوج طرفان اوڀر رفح ۾ رهندڙ فلسطيني شهرين کي ??نهنجون پناهه گاهون ڇڏڻ جو حڪم جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ هفتو پهرين نيڪال جي پهرين حڪم کان پوءِ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني رفح مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. غزه ۾ اسرائيلي جنگ ۾ مارجي ويل گڏيل قومن جي ??ملي جو انگ 189 ٿي ويو آهي. گڏيل قومن غزه ۽ اولهه ڪناري جي 30 لک کان وڌيڪ فلسطيني شهرين جي مدد لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 2.8 بلين ڊالرن جي ??پيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر