برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪ??و آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزه جي 20 لک آبادي ??ي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪ??و آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين ??ي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عالمي ۽ بنيادي ان??اني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. فرانس چيو ته غزه جي ماڻهن کي ان??اني امداد پهچائڻ عالمي ان??اني قانون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪ??و آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻهن ??ي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئ?? سگهجي ٿو. آمريڪي ??نت??اميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي ??ي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری