اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي لاءِ مشڪل وقت گذري ويو، ڇو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ??يو آهي. اهڙن خيالن جو هن نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سياسي حالتن ۽ پاليسين جو تسلسل هجي ته معاشي استحڪام به پيدا ٿئي ٿو، نوا?? شريف ايڪسپورٽ جو جيڪو واعدو ڪيو هو ان ??ي ??لد عملدرآمد ڪرائينداسين، هلندڙ سال نومبر 2017ع ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ??يندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو وقتي صدر موجود آهي، پارٽي جي راءِ موجب صدر چونڊيو ويندو. هن چيو ته پارٽي جي اندر ڪي اختلاف نه آهن. شاهد خاقان ??باسي چيو ته 28 جولاءِ کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نوا?? شريف ملڪ ۽ پارٽي جي اندر وڌيڪ مضبوط آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ