بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي، رياستي ادارن جي استحڪام سان بدعنواني جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، وائيٽ ڪالر ڪرائم کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي ان حوالي سان چين جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ۽ چين جو تعاون گهربل آهي، اسان جي لاءِ اولهه جي ڀيٽ ۾ چين جو ماڊل بنيادي اهميت رک??دڙ آهي، بدعنواني جي خاتمي سان ئي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.. وز??راعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ بيجنگ ۾ چين جي سينٽرل پارٽي اسڪول پهتو ته اسڪو?? جي وقتي صدر وز??راعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي سينٽرل پارٽي اسڪو?? جي وقتي صدر سان ملاقات به ٿي. سينٽرل پارٽي اسڪول ۾ خطاب ڪندي وز??راعظم عمران خان چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان اتر ڪوريا ۽ ملائيشيا جي لاءِ هڪ ماڊل ملڪ هو پر 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن شروع ٿي.
رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری