اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خا??مو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قو??ي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي ا??تعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي ا??يمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خا?? طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي ا??تعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس