اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي چيو آهي ??ه سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن کي ووٽ جو ??ق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ويو، صدر جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جو ??جلاس گهرائي اهو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري لاءِ موڪلينداسين، ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن کي ووٽ جو ??ق ضرور ملندو، مخالف ڌر ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن کي ووٽ جو ??ق ڏيڻ کان ان لاءِ ڊنل آهي ??ه اهو ووٽ عمران خان کي ملندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي مان بل تي هڪ تجويز به مخالف ڌر پاران نه آئي، قومي اسيمبلي مان بل منظور ٿيڻ کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ضروري آهي، اسان نئين روايتي قائم ڪئي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ پيش ٿياسين جتي اسان اليڪشن ڪميشن آڏو ان پاران اٿاريل اعتراضن تي سوال رکڻ چاهيو پئي جڏهن ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو جو ??نهن اداري جي لاءِ اسان قانونسازي ڪرڻ چاهيون ٿا اهو اجلاس مان اٿي هليو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جي چيئرمين بلوچستان مان عورت سينيٽر کي وڊيو لنڪ ذريعي ووٽ جو ??ق ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اڄ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي وڊيو لنڪ ذريعي ٿئي ٿي، مخالف ڌر پهريون ڀيرو حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ان عمل سان مخالف ڌر بي نقاب ٿي، اها سڌارن جي دشمن، اسٽيٽس ڪو ۾ ٻڌل آهن، اهي ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن جي اقتدار ۾ حصيداري جا دشمن آهن. هن چيو ته ڌانڌلي سان مخالف ڌر اڳواڻ ٺاهڻ جا الزام هڻن??ڙن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو، انهن کي خطرو آهي ??ه ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن جو ووٽ عمران خان کي ملندو. هن ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن کي خوشخبري ڏني ته انهن جو ??ل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري رهيا آهيون جتي صدر جي خطاب سان گڏ چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جو ??جلاس گهرائينداسين، اتي ان قانون کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏانهن موڪلينداسين. هن سوال ڪيو ته ڇا اهو اتفاق آهي ??ه هڪ طرف سڌارا ڪندڙ آهن ۽ ٻئي طرف سمورا اسٽيٽس ڪو وارا ان جا مخالف آهن. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جلد کان جلد اها قانونسازي ڪندي، حڪومت نيب جي قانونسازي جو ??مو کنيو ته مخالف ڌر ان جي آڙ ۾ اين آر او گهريو پر حڪومت اهو بل به منظور ڪرايو. ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پاڪستان جي جمهوريت جي اساس ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت سڌارا آڻي رهي ??هي، گذريل سال آڪٽوبر ۾ 49 ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون، صدر 2 سالن کان اي وي ايم جي لاءِ لاڳيتو ايوان صدر ۾ اجلاس ڪندو رهيو جنهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهر پن شرڪت ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته اهي ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ضرورت موجب آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڃڻ ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن جو ??هو صوابديد آهي ??ه اها پنهنجي معيار موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي چونڊ ڪري. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪم تي جيئن جو ??يئن عمل ڪندي اسان مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين، 2023ع جون چونڊون صاف، شفاف ٿينديون. هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، سنڌ ۾ ناڪام طرز جمهوريت کي حقيقي جمهوريت سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو ??ستعمال ضروري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس مان اليڪشن ڪميشن جي واڪ آئوٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو آئيني ادارو پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن آئين کان مٿانهون سمجهي ٿو ته اهو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، دنيا ۾ بئنڪنگ، عدليه، انتظاميا سميت هر ادارو ٽيڪنالاجي طرف وڃي چڪو آهي.
سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ويو: بابر اعواڻ/ اعظم سواتي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں