رياض – 25 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??فغ??ن عوام جي مدد لاءِ ??فغ??نستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم ??فغ??نستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ ??فغ??نستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ??فغ??نستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم ??فغ??نستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ ??فغ??نستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وزيراعظم ??فغ??ن عوام جي مدد لاءِ ??فغ??نستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ??لچسپي جي سمورن معاملن تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23
پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ