اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اس??ن جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي تجربي مان ??ائدو کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي جي تجويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اس??ن پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي معاشي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اس??ن جو قيمتي اثاثو آهن، اس??ن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي لاءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان ??ائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ اپارٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي تعمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي تعين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورسيز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان ??ائوسنگ اينڊ ??يو??پمينٽ اٿا??ٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيد??، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ??يو??پمينٽ اٿا??ٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina