اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آه??. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيون آه??. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ميثاق معيشت جي لا??ِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لا??ِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لا??ِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آه?? جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ??لي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.
وزيراعظم بزنس ڪانفرنس ۾ معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم