اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمري??ا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمري??ا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ??و، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي ??ان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ آمريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمري??ا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمري??ا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي ??ان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ٻوڏ کان بحالي ??ان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيُون، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم جو آمريڪي سفير سان ملاقات ۾ اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo