اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر لنڊن ۾ ٿيندڙ 22 هين ڪامن ويلٿ منسٽر فارن افيئرز ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ??ئي. هن ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪامن ويلٿ ڊي سروس ۽ بڪنگهم پيلس ۾ دولت مشترڪه جي جنرل سيڪريٽري پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ??ئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير عالمي ۽ علائقائي صورتحال بابت پاڪستان جو موقف ۽ پاڪستان سميت ??سر??دڙ ملڪن تي انهن جي اثرن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن دولت مشترڪه تي زور ڏنو ته اها پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ نئون مالياتي ذميوار ماڊل تيار ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري ته جيئن موجوده قرضن جي بار جي مسئلن کي ??ل ڪري سگهجي. مملڪتي وزير موسمياتي تبديلي تي عالمي تعاون جي اهميت ۽ موسمياتي موافقت جي لاءِ اهم، اضافي ۽ متوقع مالي وسيلن جي دستيابي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ڊيميج فنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بورڊ آف گورنرز پاران دولت مشترڪه کي جديد بڻائڻ جي قدم جي توثيق ??ئي. پاڪستان بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان انتظاميا ۽ پروگرام تي ورڪنگ گروپ جي قيادت ڪندو. مملڪتي وزير دولت مشترڪه جي تقريبن جي موقعي تي برطانيا جي ترقي واري مملڪتي وزير اينڊريو مچل، گهانا جي پرڏيهي معاملن ۽ علائقائي انضمام واري وزير شرلي ايور ڪوربوچوي، سريلنڪا جي پرڏيهي وزير ايم يو ايم علي صابري سان ملاقات ??ئي. هن ڪينيا جي پرڏيهي ۽ ڊاسپورا معاملن واري ڪبنيٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر الفريد متوا، ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير واري پارلياماني سيڪريٽري ايم بي رابرٽ اولي فينٽ ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان پڻ ملاقات ??ئي.
حنا رباني کر پاران دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ