اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترق?? جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب ??پين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب ??پيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ??يا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ا??س ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رکيا ??يا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب ??پيا رکيا ??يا اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ارب ??پين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب ??پين جي ويجهو ??ون??ي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ا??س ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.
ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو هلندو ته ترقي ٿيندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات