باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتف??ق ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان کان ايل اين جي پاڪستان آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عل??وف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملدرآمد شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عل??وف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاق??ت ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتف??ق ڪيو. آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاق??ت ۾ اتف??ق ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان پاڪستان مان ايندڙ چانور تي درآمدي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتف??ق ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان درآمدي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتف??ق ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ اتف??ق ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عل??وف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت پاران ٻنهي ملڪن جي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی