اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن وا??عي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿي??. ا??لاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن وا??عي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چي?? آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن وا??عي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن وا??عي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ ا??سا??ن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چي?? آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چي?? ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ وا??عن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.
وزيراعظم پاران 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو، سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار